جوهر لوبان

جوهر لوبان: هڪ قسم جو پسارڪو وکر آهي، ميرانجهڙي رنگ جو ٿيندو آهي. هن جا ٻه قسم آهن، هڪڙو ميرانجهڙو، ٻيو انهن ميرانجهڙن ٽڪرن ۾ اڇا ذرا ذرا، جن کي لوبان ڪوڏيون به چوندا آهن، دوائن ۾ هن جو سَت استعمال ٿيندو آهي، جنهن جي ترڪيب هن طرح آهي ته: ”لوبان کي ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهي مٿان ٻيو ٺڪر جو ٿانو اونڌو رکي هيٺان ميڻ بتي ٻاربي ته سَت وڃي مٿئين ٿانءَ ۾ لڳندو، جيڪو اڇي رنگ جو چلڪيدار ٿيندو.“ حڪيمن موجب هي فالج، لقوي، دل جي علاج ۽ دماغ جي طاقت لاءِ فائديمند آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو